حسن خوشنويس

حسن ’خوشنويس‘: سيد حسن، ترخان دور جو خوشنويس ٿي گذريو آهي. ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ سندس باري ۾ لکيو آهي ته: ”سيد حسن خوشنويس ترخان دور ۾ خوشنويسيءَ جي فن جو ماهر هو. وقت جي حاڪمن کانئس ڪيترائي ناياب ڪتاب قلمبند ڪرايا. حسن خوشنويس جو پٽ سيد محمد طاهر پڻ مشهور ستن خطن جو ماهر ۽ عوام ۾ مشهور ٿي گذريو آهي. سيد حسن خوشنويسيءَ جي سکيا مفت ۾ ڏيندو هو. هزارين شاگردن هن وٽان ان فن جي سکيا ورتي.“


لفظ حسن خوشنويسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو